شمشاد بيگم

شمشاد بيگم

شمشاد بيگم

شمشاد بيگم (گلوڪاره): آرٽسٽ ۽ منفرد آواز رکندڙ هندستاني فلم انڊسٽري جي مشهور گلوڪاره شمشاد بيگم جو جنم 14 اپريل 1919ع تي لاهور ۾ هڪ مسلمان گهراڻي ۾ ٿيو. سندس پيءُ ميان حسين بخش هڪ مڪئنڪ هو.
هن ڳائڻ جي شروعات پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي، جتي اسڪول جي پرنسپال سندس آواز کان متاثر ٿي کيس اسيمبلي جي هيڊ سنگر مقرر ڪيو. ڏهن سالن جي عمر ۾ هن لوڪ گيت ڳائڻ سان گڏ مذهبي پروگرامن ۽ شادي جي تقريبن ۾ ڳائڻ جو آغاز ڪيو. 1931ع ۾ سندس هڪ چاچو امير خان (جيڪو غزل ۽ قوالي جو شوقين هو) لڪ ڇپ ۾ زينو فون (Xenophone) ميوزڪ ڪمپنيءَ ۾ آڊيشن لاءِ وٺي ويو، جتي کيس سنڌ جي مشهور موسيقار غلام حيدر ربانيءَ سندس آواز ۾ بهادر شاهه ظفر جو غزل ’ميرا يار ملي اگرٻڌي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ کيس 12 گانا گائڻ جي پيشڪش ڪئي. مائٽن جي اعتراض سبب ڳائڻ جي فني سکيا ڪنهن کان به نه ورتي هئائين، پر بعد ۾ سندس شوق، چاچي جي زور ڀرڻ تي ميوزڪ ڪمپنيءَ طرفان ٿيل معاهدي سبب سندس والد پردي (برقعي ۾ رهي) ۾ ڳائڻ جي اجازت ڏني، جنهن بعد پهرين حسين بخشي والا صاحب ۽ پوءِ غلام حيدر ربانيءَ سندس فني تربيت ڪئي.
1930ع جي شروعاتي ڏهاڪي کان هن باقاعده پسِ پرده گلوڪاره (Play Back Singer) طور فلمن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. 1934ع ڌاري پندرنهن سالن جي عمر ۾ مائٽن جي مرضي خلاف گنپت لال بٽو نالي وڪيل سان پسند جي شادي ڪيائين. ان دوران 1937ع ۾ آل انڊيا ريڊيو پشاور ۽ لاهور اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ گانن کيس شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. هن هندي، بنگالي، مراٺي، گجراتي، تامل، پنجابي، سرائيڪي، سنڌي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ لڳ ڀڳ 6000 گانا رڪارڊ ڪرايا، جن مان 1287 فلمي گانا هئا. هن جن ماهر موسيقارن سان گڏجي ڪم ڪيو، انهن ۾ غلام حيدر، نوشاد علي، ايس.ڊي برمن، سي رامچندر، او.پي نير ۽ ٻيا شامل هئا. ان کان علاوه هن لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي، محمد رفيع ۽ ڪشور ڪمار سان گڏ بيشمار دوگانا به رڪارڊ ڪرايا، جيڪي شائقينن ۾ بيحد پسند ڪيا ويا.
1947ع ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي بعد سندس استاد غلام حيدر رباني پاڪستان هجرت ڪري آيو پر شمشاد بيگم بمبئي (هندستان) ۾ رهي پنهنجي فني سفر کي جاري رکيو ۽ تقريباً 40 کان 45 سالن جي طويل عرصي تائين هندستاني موسيقي ۽ فلمي دنيا ۾ پنهنجو آواز جرڪائيندي رهي. 2009ع ۾ کيس هندي فلم موسيقيءَ لاءِ ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ او. پي. نير اوارڊ ۽ ڀارتي حڪومت طرفان ‘پدم ڀوشن’ اوارڊ ڏنو ويو.
1955ع ۾ هڪ حادثي سبب سندس گهر وارو گذاري ويو، جنهن بعد پنهنجي ڌيءُ اوشا راترا ۽ ناٺي ليفٽيننٽ ڪرنل يوگيش راترا سان گڏ ممبئي ۽ هيراننداڻي گارڊن، ضلعي پووائي ۾ رهندي هئي، جتي طويل علالت بعد 94 ورهين جي عمر ۾ 23 اپريل 2013ع تي وفات ڪيائين.


لفظ شمشاد بيگمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.04.14  عيسوي

گلوڪاره شمشاد بيگم جو جنم 14 اپريل 1919ع تي لاهور ۾ هڪ مسلمان گهراڻي ۾ ٿيو.


2013.04.23  عيسوي

شمشاد بيگم 94 ورهين جي عمر ۾ 23 اپريل 2013ع تي وفات ڪيائين.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڄڻ سنڌي
خادم حسين سمو
سوڍل فقير لغاري
غلام شبير سمو
شانتي هيرانند
فوزيه سومرو
راول فقير
سهراب فقير
ام ڪلثوم
سچل فقير جتوئي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون